'سڪندر بلوچ' جون تصويرون
 سڪندر بلوچ جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

سڪندر بلوچ

سڪندر بلوچ: سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر سڪندر بلوچ جو پورو نالـو سـڪـندر خان ولد نٿو خان چانڊيو هو، سندس جنم 15 سيپٽمبر 1940ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ٽنڊي آغا مان، مـئـٽـرڪ نـور محـمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان، بي. اي سٽي آرٽس ڪاليج مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. سڪندر ب.....


سڪندر جوڳي

سڪندر جوڳي: نوجوان مصور سڪندر جوڳي ولد نبي بخش، 2 فبروري 1984ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ سان دلچسپي هئي. راڳ ڳائڻ جي سکيا لاءِ حفيظ قاسماڻي وٽ شاگردي اختيار ڪيائين. پنهنجي راڳ جي استاد کي تصويرون ٺاهيندو ڏسي، کيس مصوريءَ جو شوق ٿيو، جنهن بعد ساڳئي استاد کان مصوري جي شروعا.....


عبدالستار بلوچ

عبدالستار بلوچ: نامور اديب تعليمدان ۽ لغت ساز، پروفيسر عبدالستار بلوچ، پهرين نومبر 1947ع تي صاحبداد ڳوٺ، ملير ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ صاحبداد جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان 1964ع ۾ 1969ع ۾ گريجوئيشن، 1971ع ۾ سياسيات ۾ ايم. اي ۽ 1977ع ۾ جنرل هسٽريءَ ۾ ايم. اي ڪئي......


جيجي زرينه بلوچ

جيجي زرينه بلوچ: جيجي زرينا بلوچ جو اصل نالو آمنا هو، هوءَ 29 ڊسمبر 1934ع تي حيدرآباد لڳ ڳوٺ الهداد چنڊ ۾ ڄائي. سندس والد محمد موسٰي جلالاڻي سرڪاري ملازم هو. هن ميونسپالٽيءَ ۽ تعليم کاتي ۾ ڪم ڪيو. سندن خاندان ۾ ڳائڻ وڄائڻ کي سٺو نه سمجھيو ويندو هو. سندس والد هڪ باشعور ماڻهو هو، ان ڪري پنهنجي نياڻيء.....


اشرف بلوچ 2

اشرف بلوچ: اداڪار، صداڪار ۽ ڪمپيئر محمد اشرف بلوچ 5 مئي 1964ع تي ڳوٺ سرهاڙي، شھدادپور ۾ ڄائو. هي سچل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ 1982ع ڌاري ڪاليج جي هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ حصو ورتائين. سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي (سائيڪالاجي) جي ڊگري حاصل ڪئي، جتي سندس استاد خيرالنساءَ جعفري هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1985ع ڌاري .....


اختر بلوچ 2

اختر بلوچ2: سينئر صحافي، ليکڪ، بلاگر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن اختر بلوچ جو جنم، ميرپور خاص جي علائقي لالچندآباد جي بلوچ پاڙي ۾، 1967ع ڌاري ٺيڪيدار غلام حسين جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ميرپور خاص مان حاصل ڪرڻ بعد روٽري ڪلب، پاڪستان سان سلھاڙجي ويو. پاڻ روٽري ڪلب يوٿ جو صدر ۽ ميرپورخاص جيم خانه.....


اي آر بلوچ

اي. آر بلوچ: مشھور اداڪار ۽ صداڪار اي. آر بلوچ جو اصل نالو عبدالرسول ولد اُميد علي شاهاڻي بلوچ آهي. سندس جنم حيدرآباد جي پڪي قلعي واري علائقي ۾ 15 مارچ 1923ع تي ٿيو. هن سنڌي ڊرامن ۾ پنھنجي آواز ذريعي هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. هن کي فني دنيا ۾ آڻيندڙ اداڪار فريد نواز بلوچ هو. هن رائل ايئر فورس ۾ نوڪري ڪ.....


انور اقبال بلوچ

انور اقبال بلوچ: پاڪستان ٽيليويزن جو مشھور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر اقبال بلوچ پنھنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو. سندس والد حاجي محمد اقبال بلوچ مسلم ليگ ڪراچيءَ جو صدر هو. انور اقبال جو جنم 25 ڊسمبر 1949 تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جي شوق ۾ هن شيڪسپيئر پڙهي ڪيترن ئي ٿيٽر ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. کيس پي. ٽي.....


شاهه محمد گاڏهي بلوچ

شاهه محمد ’گاڏهي‘ بلوچ: ليکڪ، لائبرريئن ۽ پبلشر شاهه محمد ولد محمد بچل گاڏهي بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏباهو، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي ۽ MLIS (لائبرري سائنس) آهي. ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبرري ۾ ملازمت ڪئي. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوڪري ڇڏي تعليم ک.....


عشق کي شاباس عنايت بلوچ شخصيت ۽ فن

عشق کي شاباس- عنايت بلوچ: شخصيت ۽ فن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب برک اديب، شاعر ۽ براڊڪاسٽر عنايت بلوچ جي شخصيت ۽ فن بابت آهي، جنهن کي مرتب نامور سگهڙ ۽ شاعر محمد عثمان منگيءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب کي چئن حصن: مضمون، مهاڳ، تاثرات ۽ انٽرويوز ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ نامور اديبن جا شخصيت ۽ سندس فن بابت مضمون ش.....


رمضان بلوچ

رمضان بلوچ: اديب، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن رمضان بلوچ 4 آگسٽ 1944ع تي ڪراچيءَ جي پراڻي وسندي شاهه بيگ لين لياري ۾ پيدا ٿيو. بي. اي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. شاگردي واري دؤر کان ئي لياري جي تعليمي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف رهندي، لياري اسٽوڊنٽس ويلفيئر ائسوسيئيشن جو صدر رهيو. ان دؤران هن لياريء.....


 پوئتي   3   4   5   6  7  8   اڳتي